ديوان مطهر ڪڙهه

ديوان مطهر ڪڙهه (ڪتاب): مطهر ڪڙهه، اصل ۾ ڪڙيءَ جو ويٺل ۽ فيروز شاهه تغلق جو مدح خوان هو. ملڪ الشرق عين الملڪ ماهرو جيڪو انهيءَ دؤر ۾ ملتان جو صوبيدار هو، ان جي مدح ۾ پڻ مطهر جا قصيدا ملن ٿا. ’ديوان مطهر ڪڙهه‘ سندس غزلن ۽ قصيدن جو مجموعو آهي. مطهر جيڪي به قصيدا فيروز شاهه تغلق جي مدح ۾ چيا آهن. تن ۾ سنڌ، ٺٽي، ڄام بابيني ۽ ڄام راءِ تماچي جو ذڪر پڻ ملي ٿو. انهن قصيدن مان ٺٽي جي اهميت ۽ مدنيت واضح ٿئي ٿي. بقول پير حسام الدين شاهه راشدي، مطهر ڪڙهه جي وفات 790هه/1388ع ۾ ٿي آهي. ديوان مطهر ڪڙهه اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي. سندس ديوان تي تفصيلي مقالو ’اورينٽل ڪاليج لکنئو ميگزين‘ ۾ وحيد مرزا 1935ع ۾ شايع ڪرايو هو. جنهن ۾ ٺٽي تي چيل قصيدا به شامل هئا. ڪڙهه بابت تاريخ خاموش آهي.


لفظ ديوان مطهر ڪڙههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو